ڪراچي – 10 – م??رچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سينيئر صح??في طاهر نجمي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. بلاول ها??وس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعزيتي پيغام ۾ چيو ته طاهر نجمي جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي صدمو پهتو آهي، طاهر نجمي مرحوم محنتي صح??في هو، سندس لاڏاڻو صحافت جي شعبي جي لاءِ تمام وڏو نقصان آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دعاڳو آهيان الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. هن سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ صبر جميل جي دعا ڪئي.