اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت وڪيلن جي ت??فظ جي لاءِ وڪيل ت??فظ بل 2023ع پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ ۽ ڪپهه جي فصل کي آبادگارن جي لاءِ منافعو ڏيندڙ بڻائڻ جي لاءِ 8500 رپيا في مڻ جي امدادي قيمت جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته وڪيلن جو پاڪستان جي آئيني ارتقا ۾ اهم ڪردار آهي. حڪومت وڪيلن جي ت??فظ جي لاءِ وڪيل ت??فظ بل 2023ع پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جي لاءِ منظور ڪري ورتو آهي. هن چيو ته ڪپهه جي آبادگارن جي فصل کي منافعو ڏيندڙ بڻائڻ جي لاءِ 8500 رپيا في مڻ جي امدادي قيمت جي پڻ منظوري ڏني وئي آهي. ايس ايم اي بئنڪ جي صارفين جي جمع ڪرايل رقم جي ت??فظ کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته وائنڊنگ ڊائون دوران صارفين جي ڊپازٽس جي واپسي جو خاص خيال رکيو وڃي. ڪابينا ناڻي واري وزارت جي سفارش تي سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي مختلف ملڪن ۽ عالمي ادارن سان 15 گڏيل ۽ 2 گهڻ رخي مفاهمتي ياداشتن جي ايڪس پوسٽ فيڪٽو جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا اسٽيٽ ??ئنڪ جي سفارش تي ايس ايم اي بئنڪ جي وائنڊنگ ڊائون جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا هدايت ڪئي ته وائنڊنگ ڊائون دوران بئنڪ جي سمورن صارفين جي ڊپازٽس جي حفاظت يقيني بڻائي وڃي. پهرين مرحلي ۾ بئنڪ جي سمورن صارفين کي 5.557 ارب رپين جون ادائيگيون ڪيون وينديون. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي سعودي حڪومت پاران محمد وسيم اسلم ولد محمد اسلم جي سعودي عرب روانگي جي لاءِ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جي سربراهي ۾ ايڪسٽر??ڊي??ن ايڪٽ 1972ع تحت انڪوائري ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏني. پاڪستان حڪومت جو سعودي حڪومت سان ڏوهارين جي حوالگي جي حوالي سان معاهدو موجود آهي. محمد وسيم اسلم سعودي حڪومت کي قتل جي ڪيس ۾ گهربل آهي. وفاقي ڪابينا مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي سفارش تي پاڪستان سک گردواره تي بنڌڪ ڪميٽي (پي ايس جي پي سي) جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏني. ڄاڻايل 13 رڪني ڪميٽي ۾ سمورن صوبن مان سک برادري جي نمائندگي کي يقيني بڻايو ويو آهي. اها ڪميٽي ايندڙ ٽن سالن جي لاءِ گردوارن جي سارسنڀال، سک ياترين جي خدمت ۽ ٻيا انتظامي معا??لا سنڀاليندي. وفاقي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 13 مارچ 2023ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلي جي پڻ توثيق ڪئي جنهن ۾ وڪيل ت??فظ بل 2023ع جي منظوري ڏني وئي هئي. اهو بل سڄي ملڪ ۾ وڪيلن جي ت??فظ جي لاءِ وڪيلن جي درخواست تي تيار ڪيو ويو آهي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 14 مارچ 2023ع ۽ 15 مارچ 2023ع تي منعقد ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. ان ۾ ڪپهه جي امدادي قيمت وڌائي 8500 رپيا في مڻ جو فيصلو پڻ شامل آهي.