اسلام آباد -05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته سڀ کان گهٽ ترق?? يافته ملڪ موسمياتي تبديلين، وبائي بيمارين کان پوءِ خوراڪ ۽ توانائي جي فراهمي جي سلسلي ۾ جيو اسٽريٽجڪ رڪاوٽ سبب تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن. گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته قطر جي امير ۽ پنهنجي ڀاءُ شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي اجلاس ۾ شرڪت لا??ِ مان اڄ دوحه پهتو آهيان. هن (ايل ڊي سيز) گڏيل قومن جي گهٽ ترق?? يافته ملڪن جي پنجين ڪانفرنس بابت چيو ته مان ايشيا ۽ آفريقا ۾ ايل ڊي سيز کي درپيش ڏکيائين ۽ اقتصادي چئلينجن بابت پاڪستان جي نقطئه کان آگاهه ڪندس. وزيراعظم چيو ته سڀ کان گهٽ ترق?? يافته ملڪ موسمياتي تبديلين، وبائي مرضن کان پوءِ ??اڻي خوراڪ ۽ توانائي جي فراهمي جي سلسلي ۾ جيو اسٽريٽجڪ رڪاوٽ سبب گهڻو متاثر ٿيا آهن ۽ انهن عالمي واقعن هنن کي ??ير??حفوظ ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته عوام جي فلاح و بهبود کي پبلڪ پاليسي جو مرڪز بڻائي ايل ڊي سيز جي بهتر خدمت ڪري سگهج?? ٿي.