انقره – 16 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪ زلزلي متاثرين سان يڪجهتي جي اظهار ?? زلزلي سٽيل علائقن جي دوري جي لاءِ انقره پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب انقره هوائي اڏي تي اعليٰ ترڪ عملدارن ۽ ترڪيه ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد وزيراعظم جو استقبال ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ نيشنل ڊ??زا??ٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام ح??در ملڪ پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.