اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) ڀارتي جيل ۾ بند ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواريءَ مشعال حسين ملڪ مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ياسين ملڪ سميت جيلن ۾ بند حريت قيادت جي آزادي ۽ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي انصاف جي عالمي عدالت سان رجوع ڪري. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ والاريل ڪشمير جي تڪراري حيثيت ختم ۽ آبادي ۾ تبديلي تي نئين قرارداد ۽ ڪشمير جو خصوصي نمائندو مقرر ڪيو وڃي، دنيا جو امن ڪشمير جي پرامن حل سان ??اڳيل آهي، ڀارت جي اندر گهرو ويڙهه ??چي رهي آهي، وڏي سيڙپڪاري به انهي گهرو ويڙهه جي ور چڙهي ويندي.
هو اطلاعات واري وزارت جي ذيلي اداري ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز (ڊي اي ايم پي) جي اهتمام هيٺ ڪشمير سان ??ڪجهتي جي ڏهاڙي جي حوالي سان انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ ٿيندڙ هڪ ڏينهن واري ڊيجيٽل فوٽوگرافي ۽ پينٽنگ نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل طارق محمود، اي پي ايڇ سي اڳواڻ عبدالحميد لون، ڊائريڪٽر فلمز آصف رحمان، ڊپٽي ڊائريڪٽر فلمز اينڊ ايگزيبيشن فارينا مغل سميت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جا عملدار تقريب ۾ شريڪ هئا. ڊي اي ايم پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل طارق محمود نمائش بابت شرڪت ڪندڙن ک?? ٻڌايو ته ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميديا اينڊ پبليڪيشنز يونيورسٽين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران تيار ڪيل آزادي جي تحريڪ جي حوالي سان ??ينٽنگز مقابلن ۾ بهترين فن پارن ک?? اڄ نمائش جي لاءِ رکيو ??يو آهي جڏهن ته ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز پاران تيار ڪيل ”ڪشمير بليڪ آئوٽ“ ۽ ”اسٽوري آف ڪشمير“ دستاويزي فلمن ۽ ڪشمير سان ??ڪجهتي جي ڏهاڙي جي حوالي سان ”ڪشمير اسان جو آهي“ جي عنوان سان ??غمو جاري ڪيو ??يو آهي، اهي به انهي نمائش جو حصو آهن. مشعال حسين ملڪ چيو ته اڄ جي هن نمائش ۾ آزادي جي تحريڪ کي بهترين انداز ۾ اجاگر ڪيو ??يو آهي، تصوير دنيا کي اصل حقيقت کان باخبر ڪري ٿي.
هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قيادت جو منظر آهي، اسان ک?? پنهنجي نئين نسل کي ٻڌائڻو آهي ته ڀارت 75 سالن کان ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو آهي، والاريل ڪشمير ۾ مڪمل بليڪ آئوٽ آهي ڪير آهي ئي ڪو نه جيڪو ڀارت جي دهشتگردي کي روڪي. هن چيو ته گڏيل قومن کان ??طالبو آهي ته يوڪرين سميت وڏن تڪرارن تي نوٽيس ورتا وڃن ٿا ۽ رپورٽن تي ايڪشن ٿئي ٿو پر ڪهڙو سبب آهي انهن ک?? ڀارت جي رياستي دهشتگردي نظر نه ??چي رهي آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ حريت قيادت قيد ۾ بند آهي، حريت اڳواڻ علي گيلاني جي ميت جي بي حرمتي ڪئي وئي، ارشد سراهي کي جيل اندر زهر ڏنو ويو، آسيه اندرابي جيل ۾ بيمار آهي، شبير شاهه جا گهرڀاتي ڌڪا کائي رهيا آهن، ياسين ملڪ کي هڪ قبر ۾ رکيو ??يو آهي، گذريل چئن سالن کان انهن ک?? ڊيڊ سيل ۾ رکيو ??يو آهي. هن چيو ته ياسين ملڪ کي وضوع جي لاءِ اٻرندڙ پاڻي ڏنو ??يو جنهن جي ڪري سندس کاٻي ٻانهن سڙي وئي آهي. هن چيو ته ڀارت جيڪي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ان جو بنياد والاريل ڪشمير آهي. هن چيو ته ڀارت جنهن انداز سان ??الاريل ڪشمير جي جاگرافيائي تبديل ڪري ڇڏي آهي جيڪڏهن ڌيان ??ه ڏنو ??يو ته هڪ سال ۾ والاريل ڪشمير مني ڀارت بڻجي ويندو. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ترين خلاف ورزيون ٿي رهيون آهن. هن چيو ته ڀارت جي دهشتگرد آرمي سان گڏوگڏ آر ايس ايس کي دنيا ۾ دهشتگرد تنظيم طور رجسٽرڊ ڪيو پيو وڃي.
مشعال حسين ملڪ چيو ته ڀارت جي اندر اقليتن سان ظلم ٿي رهيو آهي، گجرات بابت بي بي سي جي هڪ رپورٽ به سامهون آئي آهي، خبر نه آهي ڪڏهن انهن رپورٽن ??ي عمل ٿيندو. هن چيو ته والاريل ڪشمير جي اندر ڪئميرا مين، ريسرچ، انساني حقن جي علمبردارن ۽ ميڊيا هائوس تي پابنديون آهن، اهي پابنديون دنيا کي ڇو نظر نه ??چي رهيون آهن. هن چيو ته 22 ڪروڙ پاڪستانين جو آواز ڪشميرين سان گڏ آهي، ان سان گڏوگڏ سمورين سياسي پارٽين ۽ سمورن طبقن ک?? چوان ??ي ته اهو مسلسل جهاد آهي، اسان ک?? ٿڪڻو ناهي، اهو فرض اسان ک?? ايمانداري سان ??ڀائڻو آهي. اي پي ايڇ سي جي اڳواڻ عبدالحميد لون چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ اطلاعات واري وزارت جا ٿورائتا آهيون جيڪي ڀارت جي مڪروهه چهري کي بي نقاب ڪندا رهيا آهن، پاڪستان ڪشميرين جي لازوال رشتي جي سڃاڻپ آهي. هن چيو ته ڪشمير سان ??ڪجهتي جو ڏهاڙو ڏهاڪن کان انهي جوش ۽ جذبي سان ??لهايو وڃي ٿو. هن چيو ته والاريل ڪشمير جا ماڻهو اڄ هڪ عذاب ۽ تڪليف ۾ آهن، بليڪ آئوٽ کانپوءِ ڀارت اسان جي جاگرافيائي تي حملي آور ٿي چڪو آهي. هن چيو ته ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي هڪ تڪرار جي حيثيت حاصل آهي، اهڙي ۾ ڀارت ڪيئن والاريل ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي تبديل ڪري سگهي ٿو.