اسلام آباد– 26 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪا سان ا??تصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻي ل??ڳاپن کي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جا منظم ۽ وسيع البنياد رابطا ٻطرفن ۽ علائقائي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي عمل جي حوالي سان ا??م آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ان موقعي تي جنيوا ۾ تازو ئي منعقد ٿيندڙ ريزيليئنٽ پاڪستان ۾ عالمي ڪانفرنس سميت ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ڪوششن جي ل??ءِ آمريڪا جي مسلسل حمايت تي ٿورا مڃي??. و??يراعظم ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻي ل??ڳاپن کي اهميت ڏي ٿو. هن پاڪستان جي آمريڪا سان ا??تصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ منظم ۽ وسيع البنياد رابطا ٻطرفن ۽ علائقائي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي عمل جي حوالي سان ا??م آهن. ان موقعي تي آمريڪي سفير چيو ته آمريڪا ٻوڏ کان بحالي سان گڏوگڏ معاشي ترقي ۽ سڌارن جي ل??ءِ پاڪستان حڪومت جي ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.