اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آه?? ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ مسلسل مصروفيتن، ٻطرفي مٽاسٽا ۽ اعليٰ سطحي جي دورن جي ڪري گڏيل لاڳاپا مثبت انداز ۾ اڳتي وڌي رهيا آه??. هڪ آمريڪي ٽيليويزن چينل ايم ايس اين بي سي کي انٽرويو ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته ماضي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 90 سيڪڙو ڳالهه ٻولهه دهشتگردي تي ٿيندي هئي جڏهن ته هن وقت 90 سيڪڙو ڳالهه ٻولهه اقتصادي تعاون ۽ دهشتگردي سميت ٻين شعب?? تي ٿئي ٿي، اهو پاڪستان آمريڪا لاڳاپن جي لاءِ هڪ مثبت اشارو آه??. هن چيو ته ماضي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان کي اسان تبديل نه ٿا ڪري سگهون جڏهن ته ماضي مان سبق سکي سگهون ٿا ۽ حقيقت پسنداڻي اميدن سان هڪ ٻئي سان ڳنڍجي سگهون ٿا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽوزرداري چيو ته ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي تي ڳالهه ڪرڻ بدران هڪ ٻئي سان ڳالهه ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان کي ٻوڏ جي ڪر?? تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جي لاءِ وڏي فنڊنگ جي ضرورت آه?? ته جيئن مستقبل ۾ ان کي ڪنهن به قدرتي آفت جي ڏس ۾ مضبوط ۽ جٽادار بڻائي سگهجي جنهن سان ممڪن نقصانن کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي.