اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خص??صي ماڻهن کي سماجي ۽ معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ انهن جي ضرورتن ۽ مع??ور??ن کي نظر ۾ رکندي انهن جي لاءِ نوڪريون پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته خص??صي ماڻهن کي پنهنجي روزاني جن سرگرميون سرانجام ڏيڻ جي قابل بڻائڻ گهرجي ۽ معاسرتي شموليت جي راهه ۾ ايندڙ سماجي، اقتصادي ۽ ڍانچاجاتي رڪاوٽن کي ختم ڪري انهن کي برابر جو ڪار??ئت?? شهري بڻائڻ جا موقعا فراهم ڪيا وڃن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس ڪراچي ۾ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽر??ز، ڪيٽي، سائٽ ۽ ڪورنگي ايسوسيئيشنز جهڙن ڪاروباري تنظيمن سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر خص??صي ماڻهن جي حقن ۽ انهن جي مختلف مقرر لاڳاپيل ڌرين خاص طور تي ڪاروباري برادري جي ذميواري بابت معاشري ۾ بيداري پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته سماجي ۽ اقصادي سرگرمين جي مرڪزي ڌارا ۾ پٺتي پيل ڪميونٽيز خاص طور تي مع??ور?? ماڻهن جي شموليت کي يقيني بڻائي پاڪستان جي معاشري کي جامع بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. صدر و??پا??ي برادري تي زور ڏنو ته اها خص??صي ماڻهن کي درپيش مسئلن جي حل خاص طور تي ڪاروباري مرڪزن، صنعتي علائقان، مالياتي مرڪزن، بئنڪن، و??پا??ي علائقن ۽ بازارن ۾ وهيل چيئر فرينڊلي ريمپ ٺاهي انهن جي چرپر ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏين. هن ڪاروباري برادري تي زور ڏنو ته خص??صي ماڻهن جي لاءِ نوڪرين جي 5 سيڪڙو ڪوٽا تي عملدرآمد ۽ ڪم جي جاين تي انهن جي لاءِ دوستاڻو ۽ سازگار ماحول يقيني بڻايو وڃي. صدر عارف علوي معاشري ۾ خص??صي ماڻهن جي زندگي جي هر شعبي ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ انهن سان باعزت سلوڪ ڪرڻ ۽ همدردي سان پيش اچڻ جي ضرورت تي پڻ روشني وڌي. هن و??پا??ي برادري تي زور ڏنو ته اهي اڳتي اچن ۽ ان نيڪ مقصد ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن وڌيڪ چيو ته خص??صي ماڻهن کي هنر ۽ ضروري تربيت فراهم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي ته جيئن اهي پاڻڀرا ۽ مالي طور تي خودمختيار بڻجي سگهن. خاون اول بيگم ثمينه علوي پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ شرڪت ڪندڙن کي خص??صي ماڻهن جي حقن ۽ سهولتن جي حوالي سان آگاهي مهم بابت آگاهه ڪيو.