اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته هو ڪابل ۾ پاڪستان جي هيڊ آف مشن تي دهشتگرد حملي جي معاملي تي افغان عملدارن سان فعال رابطي ۾ آهي، اميد آهي ته ان حملي جي مڪمل جاچ ڪري جوابدارن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. طالبان جي ترجمان ذبيح الل?? مجاهد جي مبينا ريمارڪس جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هڪ بيان ۾ چيو ته هڪ هڪ جاري جاچ آهي جنهن تي ويجهي کان نظر رکي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان د??شتگردي جي لعنت سان وڙهڻ جي عزم تي قائم آهي. ميڊيا رپورٽس موجب طالبان جي ترجمان ذبيح الل?? مجاهد پ??هن??ي ٽوئيٽر هينڊل تي دعويٰ ڪئي ته طالبان عملدارن اسلامڪ اسٽيٽ دهشتگرد گروپ جي هڪ غيرملڪي ڪارڪن کي مبينا طور تي پاڪستان جي اعليٰ سفارتڪار تي قاتلاڻي حملي ۾ ملوث ه??ڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو آهي.