اسلام آباد– 18 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زر??اري سان وزيراعظم جي خاص معاون ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اطلاعات سيڪريٽري ف??صل ڪريم ڪنڊي ملاقات ڪري، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ان موقعي تي قومي اسيمبلي ميمبر حسن طارق، نديم افضل چن ۽ آصف بشير ڀاڳت پڻ موجود هئا. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زر??اري ف??صل ڪريم ڪنڊي کي هدايت ڪئي ته هو سڄي ملڪ ۾ غريب ۽ مستحق عورتن جي امداد جي لا??ِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي وڌيڪ متحرڪ ڪري. پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته غربت جي خاتمي لا??ِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام موثر ڪردار ??دا ڪري رهيو آهي. ان پروگرام جي سمورن شعبن کي متحرڪ ڪيو وڃي.