اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شاعر مشرق علامه محمد اقبال جي پيدائش جي ڏهاڙي کي شاندار طريقي سان م??هائڻ جي هدايت ڪندي سينيٽر عرفان صديقي جي سربراهي ۾ اقبال شناس شخصيتن تي ٻڌل 22 رڪني قومي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم هدايت ڪئي ته نومبر جي پوري مهيني ۾ علامه اقبال جي زندگي، فڪر، تحريڪ، شاعري ۽ فلسفي کي اجاگر ڪيو وڃي، ڪميٽي ٽن ڏينهن ۾ نومبر مهيني جي لاءِ سرگرمين کي ترتيب ڏيڻ جو ڪم مڪمل ڪري. وزيراعظم آفيس سينيٽر عرفان صديقي جي سربراهي ۾ قومي ڪميٽي ٺاهڻ جو باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته قومي تاريخ ۽ ادبي و??ثي و??ري ڊويزن ڪميٽي کي معاملا سرانجام ڏيڻ ۾ سهولت فراهم ڪندي. ڪميٽي جي ٻين م??مبرن ۾ ڊاڪٽر نثار احمد چيما، ڊاڪٽر نفيسا شاهه، پر??فيسر فتح محمد ملڪ، پر??فيسر ڊاڪٽر خواجه محمد ذڪريا، پر??فيسر ڊاڪٽر رفيع الدين هاشمي، پر??فيسر ڊاڪٽر محمد ايوب صابر، ڊاڪ??ر اسلم انصاري، ڊاڪ??ر احسان اڪبر، پر??فيسر ڊاڪٽر تحسين فراتي، ڊاڪ??ر اڪبر احمد، ڊاڪٽر طالب حسين سيال، خرم علي شفيق، ڊاڪ??ر ابصار احمد، ڊاڪٽر مقصود جعفري، ڊاڪٽر عبدالرئوف رفيق، پر??فيسر ڊاڪٽر عباد علي، ڊاڪٽر بادشاهه منير بخاري، ڊاڪٽر خالد اقبال ياسر، محمد اڪرم چغتائي، ڊاڪٽر شاهد اقبال ڪامران ۽ پر??فيسر ڊاڪٽر بصيره عنبرين شامل آهن.