اسلام آباد -18 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي صحت بابت وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو ??هي، ته پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهه ڪارين باوجود حڪومت پول??و جي خاتمي لاءِ هر ممڪن ڪوشش جاري رکي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن برلن ۾ ٿيل ورلڊ هيلٿ سمٽ ۾ پوليو ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته 27 کان وڌيڪ پوليو ورڪرز پاڪستان کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ لاءِ پنهنجي ج??نين جو نذرانو پيش ڪري چڪا آهن. هن چيو ته پاڪ فوج خطرناڪ علائقن ۾ پوليو ورڪرز جي سيڪيورٽي ۾ ڀرپور مدد ڪري رهي آهي جيڪا تعريف جوڳي آهي. هن چيو ته جامعه الازهر يونيورسٽي جي شيخ العرب جي مفتي پروفيسر ڊاڪٽر طيب جي فتويٰ پاڪستان ۽ مسلم دنيا لاءِ پيغام آهي ته ٻارن کان صحت جو حق کسڻ اسلام جي تعليم جي ابتڙ آهي. عبدالقادر پٽيل چيو ته اسان پول??و جي خاتمي جي بلڪل ويجهو آهيون، دنيا پاڪستان سان بيٺل آهي. هن چيو ته پاڪستان پول??و جي خاتمي لاءِ اثرائتن قدمن کي يقيني بڻائي رهيو ??هي. ان موقعي تي ج??من اڪنامڪ وزير سونجا شولز چيو ته جرمني گلوبل پول??و جي خاتمي لاءِ 23 ملين يورو جو اعلان ڪيو. سعودي عرب گلوبل پول??و جي خاتمي لاءِ هڪ ڪروڙ ڊالرن جو اعلان ڪيو ??هي. بل گيٽس دنيا ۾ گلوبل پول??و جي خاتمي لاءِ 1.2 بلين ڊالرن جو اعلان ڪيو ??هي. آسٽريليا 43.55 ملين ڊالرن، فرانس 50 ملين يورو، ڪوريا 3.2 ملين ڊالرن، سي اي او گاوي چيو ته پوليو ورڪرز پاڪسان جا اصلي هيرو آهن. روشيل ويلنسڪي ڊائريڪٽر سي ڊي سي آمريڪا چيو ته پول??و جي تازه ڪيس جيڪي اسرائيل ۽ لنڊن ۾ نظر آ??ا آهن اهي دنيا کي ٻيهر پول??و جي خطري سان ملي مقابلو ڪرڻ لاءِ گڏ ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. پاڪستاني وفد ۾ پاڪستاني سفير ڊاڪٽر فيصل، پول??و جي نيشنل پروگرام مئنيجر ۽ ميجر جنرل عامر اڪرام موجود هئا.