اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪمرشل ۽ ڪاروباري معاملن واري آمريڪي خصوصي نمائندي دلاور سيد سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب واشنگٽن ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ مملڪتي وزير حنا رباني کر، آ??ريڪا ۾ پاڪستان جو سفير مسعود خان ۽ ٻيا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ جي صورتحال، ٻوڏ جي تباهين کي منهن ??يڻ جي حوالي سان قدم آمريڪي مدد ۽ پاڪ آمري??ا واپاري لاڳاپن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات جي موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري تازي ٻوڏ دوران آمريڪا پاران فراهم ڪيل معاملن تي ساراهيو. ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا ٻطرفن واپاري لاڳاپن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آمريڪي واپاري معاملن واري خصوصي نمائندي دلاور سي?? ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهين تي گهري ڏک ?? افسوس جو اظهار ڪيو.