اسلام آباد/سکر– 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ سکر پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم شهباز شريف سنڌ ج?? صوبن سکر، روهڙي، خيرپور، فيض گنج، ڪوٽڏيجي ۽ ٺري ميرواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن جو فضائي دورو ڪ??ڻ ۽ متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي ڪمن جو جائزو وٺڻ لاءِ سکر پهچي ويو آهي. سکر پهچڻ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه ?? سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بيگم نصرت ايئرپورٽ تي وزيراعظم جو استقبال ڪيو.