اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حقيقي آزادي جو مطلب بک ۽ غربت کان آزادي آهي، معاشي خودمختياري کانسواءِ اسان جي آزادي نامڪمل آهي. پنهنجي ٽ??ئي?? ۾ هن چيو ته پاڪستان جو قيام هڪ معجزو ۽ 20 هين صدي جي سڀ کان وڏي اڳڀرائي هئي جيڪا قائداعظم ج?? متحرڪ قيادت ۽ قربانين جي ڪري ممڪن ٿي. هن چيو ته مسلمانن کي يقينن تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو هو پر انهن جو ??ڪست ڏيڻ جو ??زم ان کان وڌيڪ مضبوط هو. وزيراعظم چيو ته جڏهن اسان پنهنجي محنت سان حاصل ڪيل آزادي جو 75 ??ون جشن ملهائي رهيا آهيون، اسان کي غور فڪر ڪرڻ گهرجي ته اسان اڃا تائين ان خواب کي مڪمل طور تي پورو ناهي ڪيو جيڪو اسان جي بانين ڏٺو هو. ان ۾ سماجي ۽ اقتصادي انصاف، قانون جي حڪمراني ۽ برابر معاشري جو ??واب شامل هو. هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته قوم اهو سمجهي ته حقيقي آزادي جو مطلب ڇا آهي. اهو بک ۽ غربت کان آزادي آهي. معاشي خودمختياري کانسواءِ اسان جي آزادي نامڪمل آهي، اسان جي سڀ کان وڏي طاقت اسان جا ماڻهو آهن. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عوامي پاليسي جو محور انهن جي ڀلائي هجڻ گهرجي.