اسلام آ??اد – 30 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هز هائينس آغا خان کي اسماعيل?? برادري جي امامت جا 65 سال مڪمل ٿيڻ تي دلي مبارڪ??اد ڏني ??هي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اسماعيل?? برادري جي اڳواڻ آغا خان جي نالي خط ۾ چيو آهي ته توهان جي دورانديش قيادت ۾ آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اهم ڪرد??ر ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ عوامي خدمتن ۽ ڀلائي جي شعبي ۾ ب?? مثال خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. صدر چيو ته آئون ۽ پاڪستاني ??وام ڪمزور طبقن جي ڀلائي لاءِ توهان پاران ڪيل ڪوششن تي ٿورا مڃون ٿا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ توهان کي ماڻهن جي وڌيڪ خدمت ڪرڻ جو حوصلو ۽ توفيق ڏي.