اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي افغانستان جي زلزلي متاثرين جي لاءِ فوري امدادي سامان موڪليو پيو وڃي، هنگامي امدادي سامان ۾ خوراڪ، تنبو، ڪمبل ۽ ٻي??ن ضروري شيون شامل آهن. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي اين ڊي ايم اي ٻي?? ڌرين سان گڏجي امدادي سامان جو انتظام ڪيو آهي. وزيراعظم افغانستان ۾ زلزلي سبب ٿيندڙ جاني ۽ ما??ي نقصان ت?? امداد موڪلڻ جو اعلان ڪيو هو.