اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ليگ (ق) جي صدر چوڌري شجاعت حس??ن جي رهائشگاهه و??و ۽ سندس خيريت معلوم ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چوڌري شجاعت حس??ن وزيراعظم ??ي ٻ??هر??ين ملڪ پاڪستانين ۽ بجيٽ بابت تجويزون ڏنيون ۽ چيو ته اسان سڀني کي گڏجي هن ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻو آهي. وزيراعظم چيو ته چوڌري شجاعت حس??ن جون تجويزون تمام عوامي آهن ۽ انهن کي ضرور بجيٽ جو حصو بڻائينداسين. هن چيو ته توهان جا ٻئي وزير تمام محنتي ۽ دياندار آهن. ملاقات ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وارو وفاقي وزير طارق بشير چيما، سيڙ??ڪا??ي بورڊ وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حس??ن، ريلوي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، پنجاب جو صوبائي وزير ملڪ احمد خان، مسلم ليگ (ق) جو مرڪزي اڳواڻ چوڌري شافع حس??ن ۽ (ق) ليگ جي ايم اين اي فرح خان پڻ موجود هئا.