گوادر – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گوادر ۾ ايسٽ بي ايڪسپريس وي منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو جڏهن ته گوادر سي واٽر ڊي سيلينيشن پراجيڪٽ سميت مختلف منصوبن جي ??يڙهه جو پٿر رکيو. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو، دفاع وارو وفا??ي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي ۽ تر??ي وارو وفا??ي وزير احسن اقبال، منشيات جي خا??مي وارو وفا??ي وزير شاهه زين بگٽي، مواصلات وارو وفا??ي وزير اسعد محمود، پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جو ناظم الامور پانگ چن زي ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم گوادر ايسٽ بي ايڪسپريس وي منصوبي جو افتتاح ڪيو. جن منصوبن جي ??يڙهه جو پٿر رکيو ويو انهن ۾ چائنا ايڊ پاران پاڪستان ۾ گوادر سي واٽر ڊي سيلينيشن پراجيڪٽ، جنگٽال گوادر پرائيويٽ لميٽيڊ، هينگ مي ليبريڪينٽس پلانٽ، هين گينگ ايگريڪلچرل انڊسٽريل پارڪ، هوافا گوادر ايڪسپو سينٽر، 3000 هائوس هولڊ سولر پينل گوادر فرٽيلائيزر پلانٽ شامل آهن.