اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سيالڪوٽ ۾ باهه لڳڻ سبب ڪڻڪ جي تيار فصل جي تباهي کان متاثر آ??اد??ارن جي مالي امداد جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنجاب حڪومت کي حڪم ڏنو ته جن آ??اد??ارن جي فصل سڙي وئي آهي، انهن کي فوري امدادي چيڪ ڏنا وڃن، وزيراعظم 90 هزار ڪلوگرام ڪڻڪ سڙي راک ٿيڻ تي آ??اد??ارن جي فوري مالي مدد جو حڪم ڏنو. هن هدايت ڪئ?? ته رمضان المبارڪ آهي، مشڪل ??قت ۾ آ??اد??ارن جي ڀرپور مدد ڪئ?? وڃي. واضح رهي ته بيلا پل باجوان، بجوت سيڪٽر ۾ 23 اپريل 2022ع تي ڪڻڪ جي تيار فصل کي باهه لڳي وئي هئي، باهه سان 77 ايڪڙ زمين متاثر ٿي هئي، 76 ايڪڙ ۾ ڪڻڪ جي فصل لاٻاري جي لاءِ تيار حالت ۾ هئي، س??ڪا??ي رپورٽ موجب 15 آ??اد??ارن جي تيار ڪڻڪ سڙي وئي هئي، جاچ ۾ ٻڌايو ويو هو ته ڪٽائي مشين ۾ فني خرابي سبب باهه لڳي، مشين جي ويجهو ئي ذخيرو ڪيل 80 ليٽر ڊيزل کي باهه پڪڙڻ سان حادثي جو دائرو پکڙجي ويو هو، فاصلو وڌيڪ هجڻ جي ڪري فائربرگيڊ کي پهچڻ ۾ وقت لڳو. فائربرگيڊ 32 ڪلوميٽر جو فاصلو 25 منٽن ۾ طئي ڪيو. فائربرگيد جي ڪوششن سان باهه کي 135 ايڪڙ ۾ پکڙجڻ کان روڪيو ويو.