اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مخالف ڌر جي نمبرن جي حوالي سان ڪيل دعويٰ حقيقت تي ٻڌل نه آهي. ملڪي سياسي صورتحا?? جي حوالي سان هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر جي دعويٰ حقيقي هجي ها ته کيس ايتري جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت پيش نه اچي ها، شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جو اتحادين سان ساڍا ٽن سالن جو تعلق ۽ رابطو آهي، اسان سان ملڪ کي سنوارڻ لاءِ گڏيل ڪوششن ۾ شامل رهيا آهن. اتحادين سان اسان جي رابطن ۾ هڪ تسلسل آهي جڏهن ته مخالف ڌر ان جي رستي ۾ رڪاوٽون بيهاريندي رهندي آهي، جڏهن ويڇا وڌيڪ هجن ته زور به وڌيڪ لڳائڻو پوندو آهي. هن چيو ته ا?? جيڪڏهن نون ليگ، ق ليگ کي آڇون ڪري رهي آهي ته ڇا ق ليگ جا دوست نٿا ڄاڻن ته 2018 جي اليڪشنز ۾ هنن ق ليگ جي رستي ۾ ڪيتريُون مشڪلاتون پيدا ڪيُون هُيون، ڇا ايم ڪيو ايم جا ماڻهو نٿا ڄاڻن ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ان??ن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو؟ پيپلزپارٽي پاران آندل بلدياتي قانون جي خلاف اهي سراپا احتجاج هئا ۽ اسان ان??ن سان رابطي ۾ هئاسين ته ڇا اهو سلوڪ کين ياد نه هوندو؟ ڇا اهي نٿا ڄاڻن ته پيپلزپارٽي گذريل 15 سالا اقتدار ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ انهن جي ووٽرز سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو؟ شاهه محمود قريشي چيو ته وقتي ملاقاتن جي بنياد تي صورتحال جو درست تجزيو نٿو ڪري سگهجي، جڏهن اسان صورتحال کي تسلس?? جي زاويي سان ڏسون ٿا ته اطمينان ٿيندو آهي.