اسلام آباد – 10 – مارچ (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پارليامينٽ لاجز تي جي يو آءِ (ف) جي غن??ن جو حملو هر لحاظ کان مذمت جوڳو آهي. اطلاعات واري وف??قي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسلام آباد پوليس کي انهن جٿن جي سهولتڪارن جي خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي. هن چيو ته انشاءُ ال??ه قانون موجب انهن غ??ڊن ۽ سهولتڪارن کي منهن ڏنو ويندو.