اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب پشاور قصه خواني جامعه مسجد ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي ?? چيو آهي ته دهشتگرد ملڪ، قوم ۽ اسلام جا دشمن آهن، جن کي الله تعاليٰ جي گهر جي حرمت نه آهي اهي انسان سڏرائڻ جي لائق به نه آ??ن. ??ن چيو ته پاڪستا?? جي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، دهشتگردي جي ان واقعي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي دل ڏکويل آهي، دهشتگردي خلاف جانيون ڏيندرن جو رت رائيگان نه ويندو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت زخمين کي هر ممڪن بهتر علاج جون س??ول??ون فراهم ڪر?? رهي آهي، شهيد ٿيندڙ?? جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ زخمي?? جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون.