اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي لاهور روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب لاهور جي دوري دوران ??زيراعظم سان گڏ وفاقي وزير شفقت محمود، چوڌري فواد حسين، غلام سرور خان?? حماد اظهر، مخدوم خسرو بختيار ۽ واپار وارو صلاحڪار عبدالرززق دائود آهن. لاهور ۾ پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار وزيراعظم کي صوبي جي انتظامي ۽ امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏيندو. وزيراعظم مل?? ۾ ??اروباري سرگرمين جي فروغ لاءِ انڊسٽريل پئڪيج جو اعلان ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم راولپنڊي، بهاولپور، ملتان ۽ ساهيوال ڊويزنن سان تعلق ر??ندڙ پارليامينٽ ميمبرن سان ملاقاتون ڪندو.