اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان اوپن فورم جي صدر ڊاڪٽر نويد شيرواني اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ چي??رم??ن ايس ٽي زيڊ اي عامر هاشمي سان گڏ ملاقات ڪ??ي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ جي بهترين ٽيڪ يونيورسٽين جي سهڪار سان سيمي ڪنڊڪٽر ۽ هائي ٽيڪ انڊسٽريز جي ترقي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم هدايت ڪ??ي ته انهن صنعتن جي ترقي لاءِ سمورا امڪاني قدم کنيا وڃن ته جيئن ٽيڪنالاجي جي علم سان ليس نوجوانن لاءِ روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا پيدا ڪري سگهجن.