اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري آرمي پبلڪ اسڪول پشاور سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چي?? آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن جي قربانين کي سدائين ياد رکنداسين جڏهن ته 16 ڊسمبر 2014ع جي ڏينهن کي ملڪ جي تاريخ جو ڪاري ڏينهن طور تي ياد رکيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هنن آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي 7 هين ورسي جي موقعي تي جاري پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ ڪيو. ان موقعي تي اسپيڪر چي?? ته اي پي ايس سانحي جي واقعي ۾ 132 کان وڌيڪ ٻارن ۽ استادن جي شهادت پوري دنيا کي لوڏي ڇڏيو هو، هنن چي?? ته آرمي پبلڪ اسڪول جي ان معصوم هيروز دهشتگردي کان پاڪ ۽ تعليم يافته پاڪستان جي لاءِ قوم کي متحد هجڻ جو پيغام ڇڏي ويا آهن. اسپيڪر چي?? ته 7 سالن کانپوءِ به اي پي ايس سانحو ناقابل برداشت درد جي موجودگي جي طور تي محسوس ٿيندو آهي. هن چي?? ته قوم کي شهيدن جي ??ان??انن ت?? فخر آهي جنهن ان عظيم صدمي کي برداشت ڪيو آهي، پوري قوم ڏکويل ??ان??انن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي.