اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) او آ??ِ سي جي پرڏيه?? وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي انتظامن جو حتمي جائزو وٺڻ لاءِ پرڏيه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس پرڏيه?? وزارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، پرڏيه?? وزارت جي ترجمان عاصم افتخار ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ??ئي. پي آءِ او سهيل علي خان، ايڪسٽرنل پبلسٽي جي ڊائريڪٽر جنرل عنبيرن جان، اي پي پي جي ايم ڊي مبشر حسن سميت، اطلاعات وار?? وزارت جا سينئر آفيسر به اجلاس ۾ موجود هئا. پرڏيه?? وزير کي او ا??ِ سي جي پرڏيه?? وزير ڪائنسل جي غير معمولي اجلاس جي انتظاميه جي مختلف رخن جي حوالي سان مفصل بريفنگ ڏني وئي. پرڏيه?? وزير انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي انهن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ خصوصي هدايتون ڏنيون. پرڏيه?? وزير چيو ??ه پاڪستان 41 سالن کانپوءِ او آ??ِ سي جي پرڏيه?? وزيرن جي ڪائونسل جي افغانستان بابت غير معمولي اجلاس جي ميزباني ڪرڻي وڃي رهيو آهي، هن چيو ته ان اجلاس جي ذريعي افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني ب??ران کي منهن ڏيڻ ۽ افغانستان جي امن ۽ استحڪام جي حوالي سان مفتقه لائحه عمل طئي ڪرڻ لاءِ غور جو هڪ سنهري موقعو ميسر ايندو.