اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا جي بندشن جي ڪري عالمي سطح تي ضرورت جي شي?? جي قيمتن ۾ غيرمعمولي اضافي جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ان چئلينج کي سراسري طور بهتر انداز ۾ منهن ڏنو آهي. وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته عالمي سطح تي شي?? جي قيمتن ۾ غيرمعمولي اضافي سان دنيا جا ڪيترائي ملڪ ڪورونا لاڪ ڊائون جي نتيجي ۾ بري طرح متاثر ٿيا آهن پر پاڪستان ماشاءَ الله سراسري طور تي بهتر رهيو آهي. وزيراعظم ناڻي واري صلاحڪار جي ترجمان مزمل اس??م جو هڪ وڊيو ڪلب به شيئر ڪيو جنهن ۾ پاڪست??ن جي معيشت بابت ڪجهه غلط تصورن کي رد ڪيو ويو. مزمل اس??م فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن جي انگن اکرن جو حوالو ڏيندي چيو ته هن سال سيپٽمبر کان آڪٽوبر تائين ??اڌ?? پيتي جي شي?? جي قيمتن ۾ 1.9 سيڪڙو، ورلڊ سيريل انڊيڪس ۾ 3.2 سيڪڙو، کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ 9.6 سيڪڙو ۽ ڊيري مصنوعات جي قيمتن ۾ 2.6 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. مزمل اس??م چيو ته عالمي سطح تي ناڻي واڌ جي رجح??ن جي باوجود آڪٽوبر ۾ پاڪست??ن جي روانگي واپار ۾ 17 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو ۽ هن سال اهو 30 بلين ڊالر تائين پهچڻ جو امڪان آهي. هن سال ٽيڪسٽائيل جو روانگي واپار 22 ارب ڊالر تائين پهچڻ جي اميد آهي.