ته??ان – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ته??ان پهچي ويو. امام خميني عالمي هواءِ اڏي تي پاڪستان ۾ اي??ان جي سفير محمد علي حسيني?? اي??ان ۾ مقرر پاڪستان جي سفير رحيم حيات قريشي ?? پرڏيهي وزارت جي سينئر آفيسرن پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پنهنجي اي??ان جي دوري دو??ان ايراني هم منصب ڊاڪٽر حسين امير عبداللهيان سميت ايراني قيا??ت سان م??اقات ڪندو. انهن م??اقاتن ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. پرڏيهي وزير 27 آڪٽوبر 2021ع تي ته??ان ۾ منعقد افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ٻي وزارتي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي علائقائي صورتحال جي حوالي سان پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. پرڏيهي وزير اي??ان جي دوري دو??ان ميڊيا نمائندن سان به ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو.