اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته شهباز شريف کي گهرجي ته هو اڳ ۾ پنهنجي پارٽي ۾ چونڊون ڪرائي ته جيئن اها خبر پوي ته هو پارٽي جو صدر آهي يا مريم صفدر پارٽي جي صدر آهي، سياسي بيروزگارن جون ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن، ان??ن جي ايجنڊا ر??و پنهنجي چوري بچائڻ آهي، مخالف ڌر اڳ ۾ به حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ جي لاءِ استعيفائن، لانگ مارچ ۽ عدم اعتماد جون ڌمڪيون ڏنيون پر عوام ان??ن کي رد ڪري ڇڏيو، ان??ن ??ي ڳالهين کي سنجيده نه وٺڻ گهرجي، مو??ان?? فضل الرحمان کي سندس پنهنجي تڪ جي ماڻهن رد ڪيو، هي پهرين حڪومت آهي جنهن ۾ مو??ان?? فضل الرحمان کي 5 سال بيروزگاري جي اندر گذارڻا پئجي رهيا آهن، چونڊون پنهنجي وقت تي ئي ٿينديون. شهباز شريف ۽ مو??ان?? فضل الرحمان جي ملڪ ۾ فوري چونڊن جي مطالبي تي نجي ٽ?? وي چينل تي ردعمل ڏيندي هن چيو ته شهباز شريف کي گهرجي ته هو اڳ ۾ پنهنجي پارٽي ۾ چونڊون ڪرائي ته جيئن اها خبر پوي ته هو پارٽي جو صدر آهي يا مريم نواز پارٽي جي صدر آهي، مخالف ڌر کي فوري چونڊن جا خواب اچي رهيا آهن پر چونڊون پنهنجي وقت تي ئي ٿينديون. فرخ حبيب چيو ته سياسي بيروزگارن جون ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن. ان??ن حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ جي لاءِ اڳ ۾ به احتجاج ڪيا، عدم اعتماد، لانگ مارچ ۽ استعيفائن جون ڌمڪيون ڏئي ڏسي ورتو پر عوام ان??ن کي رد ڪيو، عوام ان??ن جي لاءِ ڇو نڪري؟ ان??ن جي ايجنڊا ته ر??و پنهنجي چوري بچائڻ آهي ۽ هي چاهين ٿا ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان بدعنواني جي ڪيسز ۾ ان??ن کي ڇوٽ ملي وڃي جيڪا تحريڪ انصاف جي حڪومت جي دور ۾ ناممڪن آهي. هن چيو ته شهباز شريف جي خلاف 7 ارب 32 ڪروڙ رپيا ٽي ٽ??ز جو ڪيس آهي، نيب ۾ ريفرنس داخل ٿي چڪو آهي، ان کانسواءِ ايف آءِ اي به ان جي خلاف 25 ارب رپيا ڪرپشن جي جاچ ڪري رهيو آهي، شهباز شريف نيب آڏو پيش ٿيڻ ۽ ايف آءِ اي کي جواب ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي پر حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ جي لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري رهيو آهي، نه حڪومت ۽ نه ئي عوام ان??ن ??ي ڳالهين کي سنجيده وٺي ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير چيو ته مو??ان?? فضل الرحمان کي ڪهڙو لانگ مارچ ڪرڻو آهي، ان??ن جو اڳ ۾ ئي ڪوئيڪ مارچ ٿي چڪو آهي، مو??ان?? فضل الرحمان کي ان جي پنهنجي تڪ جي ماڻهن رد ڪيو، ان جو مقصد ڪشمير ڪميٽي ۽ پراڻيون مراعتون حاصل ڪرڻ آهي، هي پهرين حڪومت آهي جنهن ۾ مو??ان?? فضل الرحمان کي 5 سال بيروزگاري جي اندر گذارڻا پئجي رهيا آهن، اهو ان??ن جي لاءِ مشڪل ڪم آهي ان لاءِ هو اهڙي قسم جا ناٽڪ ڪندا رهندا آهن پر ان??ن جي ملاقاتن جي اندر ڪنهن قسم جي سنجيدگي نه آهي. هن چيو ته مخالف ڌر وٽ عوام جي فائدي لاءِ ڪا ايجنڊا نه آهي، ان??ن جي سڄي ايجنڊا ذاتي مفادن کي تحفظ ڏيڻ آهي، هي ماڻهو ملڪي سلامتي کان هٽي ڪري ذاتي سلامتي کي اهميت ڏين ٿا.