اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته حڪومت ??يب آرڊيننس جاري ڪري چڪي آهي، ان حوالي سان مخالف ڌر جي پريس ڪانفرنس چور مچائي شور جي برابر آهي، شاهد خاقان عباسي، خواجه آصف ۽ احسن اقبال تي ??يب جا ڪيسز آهن، ايئن لڳي ٿو ته مسلم ليگ (ن) جي سموري قيادت جو پسنديده مشغلو عوام جي خدمت نه لُٽ مار هئي، جيتري ??ڪليف انهن جي چهرن تي هئي ان پريشاني جو سبب 34 نڪتا آهن جيڪي فيٽف قانونسازي جي دوران مخالف ڌر ڏنا هئا، ??يب کي بند ڪرڻ جي لاءِ 34 شقون اهي کڻي آيا، ان جو مقصد ??يب جون ٽنگون، ٻانهون ٽوڙي ڇڏيون، اکيون ۽ ڪن بند ڪري ??پاهج بڻائي ڇڏيون، ن ليگ 90ع جي ڏهاڪي ۾ موٽرويز، تحفظ اقتصادي سڌارا ايڪٽ تحت مني لانڊرنگ ڪئي، ٻاهرين ملڪن ۾ جائيدادون ٺاهيون، ??يب آرڊيننس تي تنقيد ڪندڙن کي تحفظ اقتصادي سڌارا ايڪٽ 1999ع تي معافي گهرڻ گهرجي. هو قانون انصاف جي پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخاري ??ان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري ??هيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته 34 شقن ۾ لکيو ويو هو ته هڪ ارب روپين تائين جي ڪرپشن نه آهي، ڪرپشن لکن، ڪروڙن ۽ اربن ۾ هوندي اهي، اقتدار ۾ اچي ناجائز ذريعن مان اثاثا ٺاهڻ جي اجازت ڪنهن به صورت ۾ ناهي، اڄ جيڪي ??يب آرڊيننس تي تنقيد ڪري ??هيا آهن، ڪرپشن سان انهن جا هٿ رنڱيل آهن، شريف ڀائر پرويز مشرف جا پير جهلي 10 سالن جي لاءِ ٻاهر هليا ويا هئا، هن چيو ته سندن ڪرپشن تي وڏي ميڊيا فورمز فلمون ٺاهيون ۽ ڪتاب لکيا ويا آهن، شهباز شريف ۽ سندس خاندان تي 7 ارب روپين جي ٽي ٽيز جو ڪيس آهي، هڪ ئي بئنڪ مان ٽي ٽيز نامعلوم ماڻهن موڪليون، ريڙهي واري، پاپڙ واري ۽ فالودي واري ??يڪي ڪڏهن خواب ۾ به لنڊن نه ويا انهن جي اڪائونٽس ۾ اربين روپيا مني لانڊرنگ وارا موڪليا ويا، هن چيو ته ??يب قانونن ۾ نيڪ نيتي سان ترميمون آنديون ويون آهن، ڪاروبار ۾ آساني جي حوالي سان حڪومت قدم کنيا آهن، ??يب چيئرمين جي مقرري ??ي حوالي سان قانون خاموش هو، آئين مان ئي رستو ورتو آهي، ڊيڊ لاڪ هجي ته معاملو پارليامينٽ ڏانهن هليو ويندو، پارليامينٽ کي عزت ڏني آهي، پارلياماني ڪم??ٽي کي شامل ڪرڻ انهن کي خراب لڳي رهيو آهي، هن چيو ته ??يب آرڊيننس جامع ترميمون آهن، ??يب جي نظام کي وڌيڪ فعال، مضبوط ڪرڻو آهي، جتي جمهوريت ۽ اختيار هوندا آهن اتي احتساب هوندو آهي، ان کان نڪمي مخالف ڌر اڄ تائين نه ڏٺي، جيڪڏهن ڪنهن معاملي تي اعتراض آهي ته عدالت ۾ چئلينج ڪريو، هن چيو ته شوگر ملون لڳائڻ معيشت جو ٻيڙو غرق ڪندڙ (ن) ليگ آهي، عمران خان وزيراعظم بڻجڻ کان اڳ به 60 هزار ڊونرز جو ??ڪا??ڊ 16 واليم پيش ڪيا آهن. هن چيو ته مريم چوندي هئي ته لنڊن ته ڇا پاڪستان ۾ به ڪا جائيداد نه آهي، ان کان وڏو ڪوڙ ڪهڙو هوندو، هن چيو ته مشورو آهي ته هي آرڊيننس پارليامينٽ ۾ اچڻو آهي، اين آر او جي لاءِ 34 شقن کانسواءِ ڪا تجويز آڻڻ چاهين ٿا ان جي آجيان ڪنداسين، اهي چاهين ٿا ته ڪرپشن سدائين جاري ??هي، عمران خان انهن جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، عوام سان ڪيل واعدن کان پوئتي نه هٽنداسين، اسان احتساب جي عمل کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين.