اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ عام چونڊن کان اڳ ملڪ ۾ نئين آ??مشماري ڪرائڻ جو ??علان ڪيو آهي، ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو آهي ته آدمشاري ايندڙ چونڊن کان اڳ ٿيندي، آدمشماري لاءِ سڀئي وسيلا فراهم ڪيا ويندا. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر مشتاق احمد جي سوال جو ??واب ڏيندي هن چيو ته آدمشماري هڪ ڊگهو عمل آهي، مالي سال 22 -2021ع ۾ شروعاتي مرحلي لاءِ پنج ارب روپين جي رقم مختص ڪئي وئي آهي، ان رقم ۾ صوبن کي پنهنجو ??صو وجهڻو آهي، ڇاڪاڻ جو وفاق ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي خرچ برداشت ڪنديون، آدمشماري لاءِ فنڊن ۾ گهٽتائي نه ٿيندي، هڪ سوال جي جواب ۾ ناڻي واري وزير ٻڌايو ??ه پاڪستان جي جي ڊي پي جي قرض جو ??ناسب 60 سيڪڙو کان وڌيڪ نه هجڻ گهرجي. اهو 2020ع ۾ 87.6 سيڪڙو هو جڏهن ته مارچ 2021ع جي آخر ۾ 79.7 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو.