اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان س??ري چيو آهي ته ڪربلا واقعو الله تعاليٰ ۽ آخرت جي ڏهاڙي تي پڪو ايمان آهي، بي مثال تقويٰ، الله جي راهه ۾ صبر ۽ قرآن مجيد ۾ بيان شهادت جي جذبي جو هڪ بهترين نمونو آهي جنهن کي قيامت تائين ياد رکيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هنن يوم عاشورا جي موقعي تي پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ ڪيو جيڪو حضرت امام حسين رضه جي عظيم قرب??ني جي ياد ۾ 10 محرم الحرام تي مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو آهي.
ان موقعي تي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته ڪربلا واقعو اسان کي حضرت امام حسين رضه ۽ سندس ساٿين جي عظيم قربانين جي ياد ڏياري ٿو ۽ جيڪي هنن حق ۽ سچ ??ي خاطر ڏنيون. هن چيو ته حضرت امام حسين رضه ۽ سندس ساٿي قرآني تعليم، برداشت، قرب??ني ۽ شهادت جي جذبي جو هڪ لازوال مثال آهن. اسد قيصر چيو ته ??سلمان جي حيثيت سان اها سان جي گڏيل ذميداري آهي ته اسان انهن شيط??ني قوتن جي سامهون ڄمي بيهون جيڪي پنهنجي ناپاڪ مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ معاشري ۾ انتشار پکڙي رهيون آهن، هن چيو ته ڪربلا جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته اسان انسانيت جي ڀلائي ۽ ملڪي تعمير ۽ ترقي لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيون. هن يوم عاشورا جي قرب??ني کي باطل جي خلاف ڏنل عظيم قرب??ني قرار ڏيندي چيو ته اها قرب??ني قيامت تائين ايندڙ نسل لاءِ مشعل راهه ثابت ٿيندي.
ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان س??ري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڪربلا واقعو حق ۽ باطل قوتن جي وچ ۾ پيش آيو اهو مسلمانن کي باطل قوتن جي خلاف بي خوف مقابلو ڪرڻ جو درس ڏي ٿو. هن چيو ته اهو ئي رستو آهي جنهن تي اسان جي پياري نبي حضرت محمد ﷺ عمل پيرا ٿيڻ جي تعليم ڏني جنهن تي هلي حضرت امام حسين رضه ۽ سندس ساٿين لازوال قربانيون پيش ڪيون، هن چيو ته ڪربلا جو واقعو اهو درس ڏي ٿو ته ??لڪ ۽ قوم کي جڏهن ته ڪا به مشڪلات پيش اچي ته اسان کي ڪنهن به قسم جي قرب??ني کان پاسو نه ڪرڻ گهرجي.