اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌ??ي فواد حسين سبي ۾ ايف سي جوانن تي دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ جي خاطر شهادت ماڻيندڙ قوم جا محسن آهن، ملڪ دشمن عنصر پنهنجي ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم سيڪيورٽي ??ورسزس سان گڏ بيٺل آهي، ان طرح جون بزدلاڻيون ڪاررواين سان امن امان جي ڪوششن کي سبوتاز نٿو ڪري سگهجي. چوڌ??ي فواد حسين چيو ته سيڪيورٽي ??ورسز امن امان جي بحالي لاءِ اڻ ڳڻيون قربانيون ڏنيون آهن.