اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چونڊ قانونن ۾ ترميم بابت اليڪشن ڪميشن جا خدشا ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته چونڊ عمل لاڳو ڪرڻ جي ب??ري ۾ حتمي فيصلو اليڪشن ڪميشن جو هوندو، حڪومتي ادارا سڌارن و??ري عمل کي شفافيت سان انجام ڏيڻ لاءِ مدد فراهم ڪند??، ووٽ هر شهريءَ جو بنيادي حق آهي، سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ 90 لک سمنڊ پار پاڪستانين کي ان??ن جو حق ڏيڻ جي ضرورت آهي. هو ان??رنيٽ ووٽنگ لاءِ ايمرجنگ ٽيڪنالاجي بابت سب ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ??ري رهيو هو. اجلاس ۾ ان??ارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن وارو وزير سيد امين الحق، ريلوي وارو وزير اعظم خان سواتي ۽ آءِ ٽي وزارت وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت، نادرا جي وقتي چيئرمين برگيڊيئر (ر) خالد لطيف، آءِ ٽي اليڪشن ڪميشن جو ڊائريڪٽر جنرل خضر عزيز ۽ ٻين لاڳاپيل سينئر عملدارن به شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ٻاهرين ملڪ رهندڙ 90 لک پاڪستانين کي سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ موجوده چونڊ قانونن ۾ به به??ري آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.