فيصل آ??اد – 22 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ جي معيشت ۾ 33 بلين ڊالر اضافو ٿيو آهي، هلندڙ مالي سال جي آخر تا??ين روانگي واپار جو مجموعي ڪاٿو 26 ملين ڊالر تا??ين پهچي ويندو، آءِ ٽي روانگي واپار ۾ 44 سيڪڙو، هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ پرڏيهي ناڻو 24 بلين ڊالر تا??ين پهچي ويو، اسحاق ڊار جي معيشت سرخي پالش ۽ بيوٽي پارلر واري هئي، پاڻي ذخيرا نه ٺاهيندڙ سياستدان قومي ڏوهاري آهن، پي ڊي ايم ٽڪرا ٽڪرا ٿي چڪي آهي، هاڻي اهي جيلن ۾ ئي گڏ ٿيندا. هو نيشنل اسپتال فيصل آ??اد ۾ ڪوويڊ 19 وارڊ جي افتتاحي تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪوويڊ 19 جي ڪري سڄي دنيا جي معيشت متاثر ٿي آهي، انهن سمورن چئلينجز جي باوجود عمران خان جي قيادت ۾ موجوده حڪومت معاشي ميدان ۾ تمام ??هڻيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، اسان جي معيشت 33 بلين ڊالر جي اضافي سان 4 سيڪڙو تي ترقي ڪري رهي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽس هڪ بلين ڊالر کان سرپلس، ايڪسپورٽس ۾ 13.5 سيڪڙو اضافو، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 24 بلين ڊالر تا??ين پهچي ويا آهن، روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ هڪ بلين ڊالر، يورو ب??نڊ 2.5 بلين ڊالر، چانور، مڪئي، ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداوار، ٽريڪٽر، موٽرسائيڪل، گاڏين جو رڪارڊ وڪرو ۽ ٽيڪسز جون رڪارڊ اوڳاڙيون ذڪر جوڳيون آهن.