اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت عدالتي فيصلن جو احترام ڪري ٿي جڏهن ته شهب??ز شريف جي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي اجازت جي خلاف اپيل جو حق استعمال ڪنداسين، 20 سالن ۾ شريف فيملي ڦرلٽ ڪري اربين ڊالر جو?? ملڪيتون ٺاهيون، شريف فيملي ۾ ٻار بعد ۾ پيدا ٿئي ٿو پر اپارٽمينٽ اڳ ۾ ان جي نالي هوندو آهي، قانون نو??ز شريف فيملي ۽ عام ماڻهن جي لاءِ برابر هجڻ گهرجي، ننڍن چورن کي به وڏن چورن جهڙا حق ملڻ گهرجن، ڪرپشن جي خلاف اها جدوجهد عمران خان جي نه پوري معاشري جي آهي، هر اداري کي ان ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اسان ته اميد ڪري رهيا هئاسين ته نيب ۽ عدالت شهب??ز شريف جي نو??ز شريف جي گارنٽي جو پڇندا ته هيستائين هو واپس ڇو نه آيو پر شهب??ز شريف جي هڪ ئي ڏينهن ۾ درخواست جو داخل ٿيڻ، نوٽيس ٿيڻ، پراسيڪيوشن کي نه ٻڌو ويو ۽ فوري فيصلو ٿي وڃي ٿو. هو پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ احتساب ۽ گهرو معاملن واري صلاحڪار شهزاد اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.