اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جي اهميت تي روشني وجهند?? چيو آهي ته پاڪستان ان منصوبي جي وقت سر تڪميل لاءِ پرعزم آهي، غربت جي خاتمي ۽ ترقي لاءِ چين جي تجربن مان فائدو کڻنداسين. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ ??ان ملاقات دوران ڪيو ج??هن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران غربت جي خاتمي ج?? چين جي تجربي، ڪووڊ – 19 جي صورتحال ۽ گڏيل لاڳاپن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم ملڪ مان غربت جي خاتمي ۽ هدفن کي ڪاميابي ??ان حاصل ڪرڻ ت?? چيني قيادت کي مبارڪباد ڏيند?? چيو ته پاڪستان چين جي غربت جي خاتمي ۽ ترقي جي ا??هن تجربن مان فائدو کڻڻ لاءِ کائنس سکڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان کي ڪورونا جي ٽئين شديد لهر درپيش آهي ۽ حڪومت ان کي م??هن ڏيڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي رهي آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ ان وبا کان بچاءُ جي ويڪسينيشن لاءِ منصوبي تي عمل پيرا آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان جي عوام چين جي صدر شي جن پنگ جي پهرين فرصت ۾ پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي.