اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پاڪستان ?? افغانستان جي سفير نجيب الله علي خيل ملاقات ڪئي ڪنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، واپار جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ?? افغانستان جي عوام اخوت، ثقافت ۽ تاريخ جي لازوال رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. پاڪستان افغانستان ?? امن جي قيام لاءِ افغان حڪومت ۽ عوام سان ڪلهوڪلهي ۾ مل??ئي بيٺل آهي، مستحڪم ۽ مضبوط افغانستان پاڪستان ?? خطي جي بهترين مفاد ۾ آهي، اسد قيصر چيو ته پاڪستان جي موجوده حڪومت افغانستان سان وسيع النبياد واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. پاڪستان جي خواهش آهي ته سي پيڪ منصوبي مان افغانستان فائدو حاصل ڪري، سي پيڪ منصوبو خطي ۾ معاشي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ گيم چينجر منصوبو ثابت ٿيندو. جاگرافي??ئي اعتبار سان افغانستان وچ ايشيا جي لاءِ گيٽ وي جي حيثيت رکي ٿو، پاڪ افعان واپار ۽ سيڙپڪاري لاءِ قومي اسيمبلي پاڪ – افغان فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيٽو ڪ??يٽي جي جوڙيل سفارشن تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي، افغان شاگردن ۽ مريضن جي لاءِ ويزه پاليسي ۾ نرمي سان افغان عوام پاڪستان ?? صحت ۽ تعليم جي سهولتن مان فائدو حاصل ڪري سگهندي، افغان واپارين لاءِ ڊگهي مدي واري ويزا جاري ڪرڻ سان ٻنهي ملڪن ۾ واپاري سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو.