اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته نوجوان نسل کي منشيات کان بچائڻ جي لاءِ ان لعنت ج?? خاتمو اولين ترجيح هجڻ گهرجي، ان سلسلي ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي لاءِ قومي رابطا حڪمت عملي جوڙڻ جي ض??ور?? آهي. هو منشيات ج?? استعمال جي روڪٿام ۽ ذهني صحت بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ پر??يه?? معاملن واري پارلياماني سيڪريٽري عندليب عباس، قومي اسيمبلي ميمبر ساجده ذوالفقار خان ۽ فلاحي تنظيمن جي ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان ۾ منشيات ج?? ڦهلاءُ جي صورتحال ۽ ان سان نوجوانن خاص طور تي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن جي جسماني ۽ ذهني صحت کي لاڳو خطرن بابت بريفنگ ڏني وئي. صدر منشيات ج?? استعمال جي روڪٿام لاءِ رضاڪارن، استادن، والدين ۽ لاڳاپيل ٻين حصيدارن جي مدد سان بنيادي فريم ورڪ تيار ڪرڻ جي ض??ورت تي زور ڏنو.