اسلام آ??اد – 11 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي هڪ هزار 708 مريضن جا ٽ??سٽ مثبت آيا ۽ 21 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن مان 20 متاثر مريض اسپتالن ۾ ۽ ه?? مريض گهر ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 31 هزار 989 ٽ??سٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 273، پنجاب ۾ 11 هزار 388، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 877، اسلام آ??اد ۾ 5 هزار 453 ، بلوچستان ۾ 688 ، گلگت بلتستان ۾ 372، آزاد ڪشمير ۾ 938 ٽ??سٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 20 هزار 65 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 855 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 197 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 21 هزار 98 آ??ي. ??ڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 48 هزار 184 آهي.