مظفر آباد -05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته گذريل 75 سالن کان ??شم??ري ڀائرن، ڀينرن، مائرن، ٻارن ۽ جوانن جنهن دليري ۽ جرئت ۽ بهادري سان ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جو مقابلو ڪيو، سندن عظيم قربانيون ضرور رنگ لائينديون، سمورين سياسي پارٽين جو ??شم??ر مسئلي تي هڪ آواز ٿيڻ ڀارت لاءِ اثرائتو پيغام ثابت ٿيندو، ڀارت ??شم??ر کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ??شم??رين کي آزادي ڏيارڻ لاءِ پاڪستان کي معاشي طور طاقتور بڻائڻو پوندو. يوم يڪجهتي ??شم??ر جي موقعي تي آزاد ??شم??ر قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته سندس لاءِ اها ڳالهه فخر جوڳي آهي ته اڄ هو هن هنڌ بيٺل آهي، جنهن کي باباءِ قوم قائد اعظم محمد علي جناح پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو هو. آزاد ??شم??ر جي وزيراعظم مون کي هتي اچڻ جي دعوت ڏني ته جيئن مان پنهنجا خيال پيش ڪري سگهان ۽ توهان سان ملي ??شم??ر پاليسي ۾ وڌيڪ جدت ۽ قوت پيدا ڪرڻ لاءِ صلاح مشورو ڪري سگهان. هن چيو ته اڄ معاشري ۾ نفسا نفسي پيدا ٿي چڪي آهي جيڪا افسوسناڪ آهي، پر اڄ مظفر آباد ۾ موجود سمورين سياسي پارٽين جا دانشور ۽ ميمبر جن??ن اتفاق ۽ اتحاد ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪوي آهي ان سان ڀارتي حڪومت، ڀارتي قيادت ۽ ٻيون شخصيتون ضرور پريشان ٿيون هونديون ۽ کين پريشان ٿيڻ به گهرجي، ڇاڪاڻ ته جڏهن ڪنهن قوم ۾ اتحاد ۽ اتفاق پيدا ٿيندو آهي، ته الله تعاليٰ جي فضل و ڪرم سان ان قوم ۾ هدف حاصل ڪرڻ جي حوالي سان طاقت ۾ اضافو ٿيندو آهي. وزيراعظم چيو ته ??شم??ر ۾ وادي ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مظلوم بيگناهه ??شم??ري مسلمانن جو رت وه??يو پيو وڃي، پوري دنيا ان معصوم ٻار جي تصوير ڏٺي هئي، جيڪو پنهنجي ناني جي ڇاتي تي ويهي اداسي سان آسمان طرف ??سي رهيو هو. گذريل 75 سالن کان لکين مسلمانن کي ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻايو ويو، لکين شهيد ڪيا ويا، نريندر مودي آگسٽ 2019ع ۾ ??شم??ر جي خصوصي حيثيت غيرقانوني طور کسي پوري وادي کي هڪ کليل جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ??شم??رين جنهن دليري سان مقابلو ڪيو آهي، سندن عظيم قربانيون ضرور رنگ لائينديون. وزيراعظم چيو ته مان سمجهان ٿو ته ??شم??ر مسئلي تي دنيا نٿي ڳالهائي، دنيا جي طاقتن مذهبي بنياد تي سوڊان کي ورهايو، اوڀر تيمور انڊونيشيا جو حصو هو، ان کي ڪٽي مذهبي بنيادن تي آزادي ڏياري، اهڙي طرح عالمي قوتن اتر آئرلينڊ ۾ سياسي ۽ مذهبي بنيادن تي کين آزادي ڏياري، جڏهن بوسنيا جي ڳالهه ائي ته ترقي يافته ملڪ ان وقت تائين خاموش رهيا جيستائين هزارين انسانن جو رت نه وهيو، هزارين مائرن جون جهوليون خالي نه ٿيون، ايستائين جو اجتماعي قبرون بڻايون ويون، پر ترقي يافته دنيا خاموش رهي. جڏهن مظلوم مسلمانن جي رت جون نشانيون سڄي دنيا ۾ ڏيکاريون ويون تڏ??ن انهن جون اکيون کليون، اهڙي طرح فلسطين ۾ به ظلم جاري آهي ۽ ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ظالم ۽ مظلوم کي برقرار رکيو وڃي. قصور اهو آهي ته ??شم??ري ۽ فلسطيني مسلمان آهن. هن چيو ته گذريل 75 سالن ۾ پاڪستان جي عوام ۽ سمورين حڪومتن ??شم??ر ڪاز جي ڳالهه ڪئي آهي. 1954ع ۾ نهرو لوڪ سڀا ۾ چيو هو ته اسان ??شم??رين کي حق خوداراديت ڏيارينداسين، پر اهي سندن ڪوڙيون ڪهاڻيون ۽ مڪروه ڌوڪو هيو. هن چيو ته ??شم??ري سوال ڪري رهيا آهن ته جڏهن مٿن ظلم ٿي رهيو آهي ته عالم اسلام کي سندن ساٿ ڏيڻ گهرجي، سندن اهڙا جذبا جائز آهن. پاڪستان هڪ لمحي لاءِ به پنهنجي ??شم??ري ڀائرن کي وسارڻ لاءِ تيار ناهي. شهباز شريف چيو ته مظفر آباد کان وٺي آفريقا جي آخري ڪناري تائين ترسيل مسلمان جيڪڏ??ن اهو پختو ارادو ڪن ته اسان کي ??شم??ري ۽ فلسطيني ڀائرن کي آزادي ڏيارڻي آهي ته مان الله جو قسم کڻي چوان ٿو ته الله پاڪ جي مدد سان اهي آزاد ٿي سگهن ٿا. پر ان لاءِ عملي ڪم ڪرڻو پوندو، نعرن، تقريرن، مرثين سان نه پر عملن سان ڪم ٿيندو. وزيراعظم چيو ته ٻي عالمي جنگ ۾ جاپان ۽ جرمني تباهه ٿي ويا ۽ ڪروڙين ماڻهو اجل جو شڪار بڻيا پر 60 سالن ۾ هنن محنت سان ڪم ڪيو ۽ اڄ پوري دنيا ۾ سندن نالو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ايٽمي طاقت آهي، ڀارت پاڪستان طرف ميري اک سان نٿو ??سي سگهي، جيڪڏ??ن اسان کي ??شم??رين کي آزادي ڏيارڻي آهي ته پاڪستان کي معاشي طور طاقتور بڻائڻو پوندو. وڏيون طاقتون جمهوريت جو لباس اوڙهي ويٺل آهن پر هو ”جس ڪي لاٺي اس ڪي ڀينس“ واري پاليسي تي عمل پيرا آهن. وزيراعظم چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ??شم??ر لاءِ هڪ هزار سال تائين جنگ جي ڳالهه ڪئي هئي، اهڙي طرح نواز شريف 1998ع ۾ ڀارت جي پنجن ڌماڪن جي جواب ۾ ڇهه ڌماڪا ڪري پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻايو. بل ڪلنٽن نواز شريف کي 5 ارب ڊالرن جي معاونت جي آڇ ڪئي هئي، جنهن کي محمد نواز شريف ٿورا ادا ڪندي معذرت ڪئي ۽ چيو ته اسان کي پنهنجي قوم جو مقدر پاڪستان جو اعليٰ مقصد عزيز آهي. فيبروري 1999ع ۾ واجپائي دورو ڪيو، جنهن بعد لاهور معاهدو ٿيو ۽ واجپائيءَ نواز شريف سان واعدو ڪيو هو ته هڪ سال ۾ ??شم??ر مسئلو طئي ٿي ويندو، باقي تاريخ گواه آهي ته کٽمنڊو ۾ ڇا ٿيو هو اهو سڀني کي ياد آهي. اسان کي ماضي مان سبق سکي اڳتي وڌڻو پوندو، انشاءَ الله ??شم??ر ضرور آزاد ٿيندو ۽ سيد علي گيلاني جي روح کي سڪون ملندو. وزيراعظم چيو ته ياسين ملڪ تهاڙ جيل ۾ اذيتون برداشت ڪري رهيو آهي، آسيه اندرابي سان ظلم ٿي رهيو آهي، اهڙي قسم جا لکين مثال موجود آهن، جنهن جو ذڪر ??شم??ر جي هر گهر ۾ ٿي رهيو آهي. اڄ ??ن اسيمبلي ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ٿيو آهي ان جا ڪرڻا پري پري تائين پکڙبا. وزيراعظم چيو ته معاشي چئلينجن باوجود آزاد ??شم??ر اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ آزاد ??شم??ر جي وزيراعظم طرفان اٿاريل مطالبن جو جائزو ورتو ويندو. هن چيو ته آءِ ايم ايف جو وفد پاڪستان آيو آهي ۽ هڪ هڪ سبسڊي جو جائزو وٺي رهيا آهن. اسان کي زنده رهڻو آهي، اهڙي طرح زنده رهڻو آهي جهڙي ريت زنده قومون رهنديون آهن. قوم کي اتفاق ۽ اتحاد ۽ عزم سان معاشي چئلينجن جو مقابلو ڪرڻو پوندو.