جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان وڏي پئماني تي تباهي ٿي، ٻوڏ سان نه رڳو انفراسٽرڪچر تباهه ٿيو پر ملڪي معيشت به بري ??رح متاثر ٿي، لکين گهر ٻوڏ ۾ وهي ويا، تعليمي ادارا تباهه ٿي ويا ۽ زراعت ختم ٿي وئي، مشڪل وقت ۾ مدد ڪندڙ ملڪن کي پاڪستان نه وساريندو، ٻوڏ متاثرين جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لاءِ وڏي پئماني تي امداد جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي حوالي سان ”ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان“ عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هن ڪانفرنس جي ميزباني ۽ ان کي خطاب ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي، مون کي خوشي آهي ته گڏيل قومن جو سيڪريٽري ??نرل انتونيو گوتيرس مون سان گڏ هن ڪانفرنس جي گڏيل صدارت ڪري ??هيو آهي جهڙي طرح ٻوڏ کانپوءِ هن پاڪستان جي عوام جي احساسن جي ترجماني ڪئي ۽ مشڪلاتن کي اجاگر ڪيو، ان تي پاڪستان جي عوام پاران سندس ٿورا مڃان ٿو. ٻوڏ کانپوءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نرل سنڌ ۽ بلوچستان سميت ٻوڏ سان شديد متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ وسيع پئماني تي ٿيندڙ تباهي جو پاڻ جائزو ورتو، پاڪستان جي ٻوڏ متاثر عوام مشڪل وقت ۾ ان جي ڪردار ۽ خدمتن کي سدائين ياد رکندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان وڏي پئماني تي تباهي ٿي، 33 ملين ماڻهو شديد متاثر ٿيا جڏهن ته ٻارن سميت 1700 ماڻهو ٻوڏ ۾ فوت ٿيا، ٻوڏ ريلن ۾ ڪيترائي لک ۽ هزارين ڪلوميٽر رستا وهي ويا، 10 لک ٻارڙين سميت 26 لک ٻارن جو تعليمي سلسلو ڪٽجي ويو، مشڪل ترين وقت ۾ گڏيل قومن، ورلڊ بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ، وچ اوڀر ۽ يورپي ملڪن سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن اسان جي مدد ڪئي، آئ??ن انهن سڀني جا ٿورا مڃان ٿو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان اڃا تائين ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کان ٻاهر ناهي نڪتو ۽ متاثر علائقن ۾ ريليف جو ڪم جاري ??هي، بلوچستان ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي اڃا به بيٺل آهي، ان کي ڪڍڻو آهي، انفراسٽرڪچ?? جي بحالي ۽ نئين سر تعمي?? جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڻي بيهڻ سان زراعت به شديد متاثر ٿي آهي ۽ فصل پوکي نه ٿا سگهجن، اسان کي متاثر خاندانن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻو آهي ۽ پنهنجو روزگار ڪمائڻ جي قابل بڻائڻو آهي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو ڪاٿو 30 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي جيڪو پاڪستان جي جي ڊي پي جو 8 سيڪڙو آهي، 90 لک ماڻهو غربت جي ڌٻڻ ۾ دٻجي ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت متاثرين جي فوري مدد ۽ بحالي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي، 20 هزار ٽروپس، سوين هيلي ڪاپٽرز ۽ ٻيڙين ريسڪيو آپريشن ۾ حصو ورتو ۽ متاثر علائقن ۾ ڦاٿل عوام کي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو، 2.7 ملين خاندانن کي 400 ملين ڊال?? جي ڪيش گرانٽ ڏني پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته هو ڪانفرنس جي سمورن شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃي ٿو. انهن پاڪستاني عوام جو ڏک محسوس ڪيو. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان تاريخ جي اهم موڙ تي بيٺل آهيون، پاڪستان کي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جي ڪري ??مام مشڪل چئلينجز درپيش آهن، ٻوڏ متاثرين جون زندگيون بدلجي ويون آهن، حڪومت انهن جي ريڪوري، بحالي ۽ نئين سر تعمي?? جي لاءِ ٺوس منصوبو جوڙيو آهي، اسان کي ان سلسلي ۾ عالمي برادري ??ي مدد گهربل آهي، ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جي ڪري پاڪستان جي معاشي ترقي جي رفتار پڻ بري ??رح متاثر ٿي آهي، پاڪستان اڪيلو ان تباهي سان ٿيندڙ اثرن کي منهن نه ٿو ڏئي سگهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته هن مشڪل صورتحال ۾ عالمي برادري پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪندي.