اسل??م آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ موثر بحالي ۽ نئين سر تعمير ??و فريم ورڪ (آر ايف 4) جاري ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير ??حسن اقبال ملاقات ڪئي ۽ کيس آر ايف 4 رپورٽ جي ڪاپي پيش ڪئي. ملاقات ۾ منصوبابندي وارو سيڪريٽري سيد ظفر علي شاهه ۽ منصوبابندي واري وزارت جا ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. منصوبابندي واري وفاقي وزير ??حسن اقبال وزيراعظم کي ??گاهه ڪيو ته آر ايف 4 دستاويز تازي موسمياتي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير ??و ايڪشن پلان آهي، هي دستاويز هن سال آڪٽوبر جي آخر ۾ شروع ڪيل ٻوڏ کانپوءِ نقصانن ۽ ضرورتن جي ڪاٿي (پي ڊي اين اي) رپورٽ جي اندازي موجب نقصان تي ٻڌل آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته آر ايف 4 دستاويز ۾ مختصر، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري موثر موسمياتي حڪمت عملي شامل آهي. وزيراعظم ان اهم فريم ورڪ کي ??يار ڪرڻ جي لاءِ سڄي پاڪستان جي لاءِ ٺوس موقف کي ??ختيار ڪرڻ تي منصوبابندي، ترقي ۽ خصوقي قدمن واري وزارت، ترقياتي حصيدارن، لاڳاپيل وزارتن، اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي حڪومتن جي ڪوششن کي ??اراهيو. هن منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير ۽ سندس ٽيم کي ??نهن جي محنت تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته 9 جنوري 2023ع تي سوئيٽزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ ٿيندڙ ايندڙ ترقياتي ڪانفرنس ۾ ان فريم ورڪ کي موثر بڻائڻ جي لاءِ ضروري ڪوششون ڪيون وڃن. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته منصوبابندي واري وزارت پرڏيهي وزارت، موسمياتي تبديلي واري وزارت ۽ اقتصادي معاملن واري ڊويزن سان گڏجي دستاويز جي اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ ??مورن ڌرين تائين موثر فراهمي جي لاءِ ضروري قدم کڻي.