لاهور – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي ۽ پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي صدارت ۾ وزيراعليٰ آفيس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿ??و جنهن ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ سهولتن جي فراهمي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پنجاب ۾ خصوصي ماڻهن جي رجسٽريشن جي لاءِ نادرا سان حصيداري جو فيصلو ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چ??و ته اکين کان محروم ۽ ٻين معذوري وارن ماڻهن جي صحيح ڊيٽا جمع ڪرڻ ضروري آهي، صحيح ڊيٽا هوندي ته خصوصي ماڻهن جي ڀلائي جي ڪمن کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهبو. صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي عام اسڪولن ۾ به خصوصي ماڻهن جي تربيت جي حوالي سان جدا ٽيچرز مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪندي چ??و ته خصوصي ٻار خصوصي صلاحيتون رکندڙ هوندا آهن ۽ تربيت سان انهن جون صلاحيتون نکري سگهن ٿيون. هن چ??و ته بازارن ۽ مارڪيٽنگ ۾ ريمپس ٺاهي خصوصي ماڻهن جي لاءِ سهولت فراهم ڪري سگهجي ٿي. نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا تي عملدرآمد سان خصوصي ماڻهن کي تمام گهڻو ريليف ملندو. خصوصي ماڻهن ڪيترن ئي ميدانن ۾ پنهنجي صلاحيتن ذريعي نمايان مقام حاصل ڪيو آهي. ڊاڪٽر ع??رف عليو چ??و ته وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي قيادت ۾ پنجاب حڪومت جي خصوصي ماڻهن جي لاءِ موثر قدم ساراهه جوڳا آهن. چوڌري پرويز الاهي چ??و ته 2003ع ۾ مون خصوصي ماڻهن جي لاءِ جدا کاتو ٺاهيو آهي. پنجاب ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ 170 ادارا قائم ڪيا ۽ خصوصي ٻارن جي لاءِ فري ٽرانسپورٽ مهيا ڪئي. پنجاب حڪومت خصوصي ماڻهن جي لاءِ نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪئي آهي، پنجاب جي سمورن ادا??ن ۾ اکين کان محروم ۽ ٻين معذوري وارن ملازمن جي لاءِ ڪنوينس الائونس وڌايو آهي. پنجاب حڪومت نئين بسلن ۾ به خصوصي ماڻهن جي لاءِ جدا سيٽون مخصوص ڪري رهي آهي. ان موقعي تي سوشل ويلفيئر سيڪريٽري صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي کي خصوصي ماڻهن جي بحالي، تربيت، رجسٽريشن ۽ سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. سوشل ويلفيئر واري صوبائي وزير غضنفر ع??اس ڇينا، ا??وڻي وفاقي وزير مونس الاهي، ايم اين اي حسين الاهي، چيف سيڪريٽري عبيدالله سنبل، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري علي محمد خان ڀٽي، سيڪريٽري سوشل ويلفيئر، سيڪريٽري اسپيشلائيزڊ هيلٿ ڪيئر اينڊ ميڊيڪل ايجوڪيشن ۽ لاڳاپيل عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.