دادو – پهرين ڊسمبر (اي پي پي)بيلجيم جي اوورسيز ڪميونٽي بابت پاڪستان جي صدر ??عظم خان سنڌ جي ضلعي دادو جي ٻ??ڏ متاثرن جو دورو ڪيو ۽ انهن ۾ راشن جا ٿيلها، خيما، مڇردانيون ۽ دوائون ورهايون. پنهنجي دوري دوران معظم خان مقامي ۽ عالمي اين جي اوز کي درخواست ڪئي ته اهي ٻ??ڏ متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪن. سندس چوڻ هو ته کيس اميد آهي ته صوبائي ۽ ??فا??ي حڪومتون صورتحال جو ازالو ڪنديون ۽ متاثرن جي نقصان جو ازالو ڪنديون. هن وڌيڪ ??يو ته دادو جي ٻ??ڏ متاثرن ۾ 150 خيما، 150 راشن جا ٿيلها، 500 مڇردانيون ۽ دوائون ورهايون ويون آهن. هن وڌيڪ ??يو ته عمرڪوٽ ضلعي ۾ به 160 خيما ۽ هڪ هزار مڇردانيون ۽ 5 سئو راشن جا ٿيلها ورهايا ويا آهن ان کانسواءِ مريضن لاءِ قائم ڪيل ميڊيڪل ڪيمپن ۾ اڍائي مريضن کي دوائون ڏيڻ سان گڏوگڏ مڇر مار اسپري ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي پڻ فراهم ڪري رهيا آهن. هن ??يو ته سياري جي مند اچڻ جي ڪري ٻ??ڏ متاثرن جي ڏکيائين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ ان تي ضابطو آڻڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي متاثرن جي بحالي جو ڪم تيز ڪيو وڃي، هن ??يو ته اسان ذات، پات، مذهب ۽ ثقافت کان هٽي ڪري انسانيت ج?? خدمت تي يقين رکون ٿا. ان موقعي تي سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير لياقت جتوئي، واپاري ۽ سماجي برادري سميت ٻيا پڻ موجود هئا.