اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس کي خطاب ڪري منفرد اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي. ان کان اڳ ۾ اڳوڻي وزيراعظم طور ميان محمد نواز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪيو ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي ٻن ڀائرن پاران وزيراعظم طور خطاب جو اهو منفرد اعزاز وزيراعظم شهباز شريف ۽ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي حصي ۾ آهي جڏه?? ته ان کانسواءِ شهيد ذ??الفقار علي ڀٽو ۽ سندس ڌيءَ اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو پڻ اهو منفرد اعزاز حاصل ڪيو. جڏه?? ته ان کانسواءِ آصف علي زرداري صدر جي حيثيت ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي پڻ خطاب ڪيو. اهي اعزاز پ??ڪس??ان جي حصي ۾ آيا آهن.