ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شر??ف ۽ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن مُلاقات ۾ بين الحڪومتي ڪميشن (آءِ جي سي) جو ايندڙ اجلاس جلد اسلام آباد ۾ گهرائڻ تي اتفاق ڪندي وز??راعظم شهباز شر??ف غذائي تحفظ، واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، دفاع ۽ سيڪيورٽي سميت گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي ??گه?? ڏيڻ جي لاءِ روس سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو آهي. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي مملڪتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي خوشگوار ماحول ۾ ٿي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وز??راعظم روس پاران پاڪس??ان ۾ وڏي پئماني تي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ يڪجهتي جي اظهار ۽ حمايت تي صدر پيوٽن جا ٿورا مڃيا ۽ کيس موسمياتي تبديلي سان پيدا ٿيندڙ هن آفت جي تباهي آڻيندڙ اثرن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. وز??راعظم پاڪس??ان روس لاڳاپن ۾ مسلسل بهتري ۽ استحڪام تي اطمينان جو اظهار ڪيو جيڪي مضبوط گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل آهن. وز??راعظم پاڪس??ان جي روس سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو ته جيئن غذائي تحفظ، واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، دفاع ۽ سيڪيورٽي سميت گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ ??گه?? ڏئي سگهجي. ملاقات ۾ بين الحڪومتي ڪميشن (آءِ جي سي) جو ايندڙ اجلاس جلد اسلام آباد ۾ گهرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. افغانس??ان ۾ روس جي تعميري ڪردار کي ساراهيندي وز??راعظم چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان، پاڪس??ان ۽ روس ٻنهي جي مفاد ۾ آهي. وز??راعظم چيو ته افغانس??ان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ عالمي قدمن جي رفتار کي تيز ڪرڻ ضروري آهي. وز??راعظم افغانس??ان ۾ استحڪام جي لاءِ سمورين علائقائي ۽ عالمي ڪوششن جي حمايت جي لاءِ پاڪس??ان جي عزم کي ورجايو.