اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قوم اڄ پاڪستان جي دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي شهيدن ۽ غازين کي سلام پيش ڪري ٿي، جن ڀارتي جارحيت جي خلاف ملڪ جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ٻ??ڏ متاثرين جي مدد لاءِ انهي جذبي جي ضرورت آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چ??و ته هٿياربند فوج ۽ قوم متحد ٿي پنهنجي جاگرافيائي سالميت جي خلاف ڀارتي جنگي جنون کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. هن چ??و ته تا??يخي ٻوڏ جي تباهين ۽ ٻين مسئلن کي منهن ڏيندي اسان کي اڄ 1965ع جي جذبي جي ضرورت آهي. قوم جو اتحاد ئي اسان جي سڀ کان وڏي طاقت آهي. هٿياربند فوج ۽ عوام جي اتحاد جي رشتي کي ٽوڙڻ جو ارادو ڪندڙ پاڪستان جو دوست نه ٿو ٿي سگهي. وزيراعظم چ??و ته اچو قوم جي اتحاد جي ان رشتي کي مضبوط بڻايون.