اسلام آباد -06 سيپٽمبر (اي پي پي) 6 سيپٽمبر 1965ع جرئت ۽ بهادريءَ جا داستان رقم ڪرڻ جو ڏينهن آهي، پاڪست??ن جي شيردل فوج تمام وڏي دشمن ڀارت کي رُڪ جا چڻا چٻرايا، ڀارت کي هر محاذ تي منهن ڀر ڪرڻو پيو. 6 سيپٽمبر 1965ع تي ڀارت صبح 4 وڳي لاهور تي حملو ڪي??، پاڪ فوج لاهور جسٽر طرفان سيالڪوٽ ۽ فيروز پور طرفان قصور تي ڪي?? ڀارتي حملو ناڪام بڻايو، واهگه ۽ بيدي??ن جي ٻنهي مهاذن تي پاڪ فوج وڏي جاني نقصان پهچائيندي ڀارتي حملو ناڪام بڻايو، وڏي انگ ۾ ڀارتي فوج جنگي قيدي بڻايا ويا. لاهور جي محاذ تي ڪيت??ين ئي ڀارتي ٽينڪن، بندوقن ۽ ٻئي جنگي سازو سامان کي تباهه ڪي?? ويو. جسٽر واري جاءِ تي تمام وڏي ??نگ وڙهي وئي، جنهن ۾ ڀارتي فوجين کي ڊوڙائي ڪڍيو ويو ۽ راوي درياهه جو اهو ڏاکڻيون ع??ائ??و آزاد ڪرايو ويو جنهن تي ڀارتي فوج صبح جو قبضو ڪي?? هو. ڇمڀ جي محاذ تي وڏو نقصان کائڻ ۽ ڪيترن ئي ميلن جي ع??ائ??ي ۾ دشمن جا هٿيار وکريا پيا هئا، 35 ڀارتي فوجين کي جنگي قيدي بڻايو ويو. ڪشميري مجاهدن سرينگر ويجهو 2 پلن ۽ هڪ رستي کي تباهه يو. راجوڙي ۽ پونچ ??ائ?? کي به سخت نقصان پهچايو ويو. صبح جو ساڍي 6 وڳي لاهور تي حملي جي خبر ملندي ئي فوج کي پنهنجي مقرره هدف تي قبضي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. پاڪ فضائيه پٺاڻ ڪوٽ هوائي اڏي تي ڪامياب حملو ڪي??، پاڪ فضائيه ڀارت جا 22 جهاز تباهه ڪيا، جن ۾ سي 119، ميسٽريس، 21 ساخت جا جهاز شامل هئا. هڪ ميسٽريس جهاز کي راهوالي وٽ ميزائيل وسيلي ڪيرايو ويو. فيلڊ مارشل محمد ايوب خان چيو هو ته اس??ن جنگ جي حالت ۾ آهيون، اس??ن جا بهادر سپاهي دشمن جا حملا ناڪام ڪرڻ لاءِ اڳيان نڪري چڪا آهن، اس??ن جي هٿياربند فوج جرئت ۽ بهادري ثابت ڪري ڏيکاريندي. اس??ن جي بهادر فوج جو جذبو ناقابل تسخير آهي ۽ اس??ن جو عزم ڪڏهن به ڪمزور نه ٿيو. هو دشمن سان لوهن هٿن سان وڙهندا.